تهران)ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته قطر ذريعي ايران جو 7 نڪاتي منصوبو آمريڪا تائين پهچايو ويو آهي، هاڻي تهران آمريڪي جواب جو انتظار ڪري رهيو آهي. عباس عراقچي نيويارڪ کان تهران روانگي کان اڳ چيو ته قطري ثالث ذريعي ٿيل ڳالهين ۾ ايران جو موقف آمريڪا تائين پهچايو ويو آهي ۽ اميد آهي ته وائيٽ هائوس جو جواب اڱاري ڏينهن ثالثن ذريعي ايران تائين پهچي ويندو. هن چيو ته ايران جو مقصد آمريڪي ڌر کي پنهنجن شرطن کان آگاهه ڪرڻ ۽ ٻين ملڪن توڙي عالمي برادري کي اهو ٻڌائڻ هو ته ايران وٽ هن معاملي لاءِ هڪ منصوبو موجود آهي. سندس چوڻ هو ته منصوبي جون شرطون مڪمل طور منصفاڻيون ۽ منطقي آهن ۽ جيڪڏهن آمريڪا واقعي ڪنهن معاهدي يا پرامن حل جو خواهشمند آهي ته ايران اهو حل پيش ڪري ڇڏيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير انهن افواهن کي به رد ڪيو، جن ۾ چيو پئي ويو ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام بابت لچڪ ڏيکارڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي. عباس عراقچي چيو ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن کان مختلف ميڊيا ذريعن ۾ ايران بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي ۽ مختلف دعوائون ڪيون پيون وڃن، پر هو واضح ڪري ٿو ته ايران جي موقف ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. هن چيو ته آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ ايران جون شرطون واضح آهن. عباس عراقچي ايراني صدر مسعود پزشڪيان ۽ ٻين اعليٰ سفارتڪارن سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ نيويارڪ ويو هو.هن چيو ته دوري جا نتيجا ظاهر ڪن ٿا ته اسلامي جمهوريه ايران، آمريڪا ۽ اسرائيلي حڪومت جي دعوائن جي ابتڙ، هرگز اڪيلو ناهي، پر کيس وڏي عزت حاصل آهي. عراقچي موجب، ڪيترين ئي ملاقاتن دوران اهو سامهون آيو ته مختلف ملڪن جا عوام ۽ اختياريون ايران جي قدمن ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي ورچوئل فوج خلاف سندس مزاحمت کي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا، جنهن تي ڪيترائي ملڪ ۽ ماڻهو فخر محسوس ڪن ٿا.










