7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس، عمران خان کي شرڪت جي دعوت

7 فيبروري تي آل پارٽيز ڪانفرنس، عمران خان کي شرڪت جي دعوت

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف 7 فيبروري تي اسلام آباد ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس طلب ڪري ورتي آهي، جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي به شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي.ان حوالي سان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم اهم قومي چئلينجن تي سمورن سياسي اڳواڻن کي هڪ ميز تي ويهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، سمورن قومي سياسي اڳواڻن کي اي پي سي ۾ شرڪت جي باضابطه دعوت ڏني وئي آهي. جاري ڪيل پڌرائي موجب وزيراعظم چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان کي به اي پي سي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.جاري ڪيل پڌرائي موجب اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن اسد قيصر ۽ پرويز خٽڪ سان رابطو ڪيو آهي.وزيراعظم پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي سڀاڻي پشاور ۾ ٿيندڙ ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي. اياز صادق وزيراعظم جو پيغام اسد قيصر ۽ پيروز خٽڪ کي پهچايو ته مان پي ٽي آءِ جي ٻن نمائندن کي دهشتگردي خلاف اپيڪس ڪميٽي ۾ شرڪت جي دعوت ڏيان ٿو.سردار اياز صادق پي ٽي آءِ اڳواڻن کي درخواست ڪئي ته هو پنهنجي پارٽي جي نامزد ڪيل نمائندن جي نالن کان آگاهه ڪن.گورنر هائوس ۾ اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمورا اسٽيڪ هولڊر، پوليس، رينجرز ۽ حساس ادارن جا اعليٰ آفيسر شرڪت ڪندا.اجلاس ۾ 30 جنوري تي پشاور پوليس لائنز جي مسجد ۾ دهشتگردي جي واقعي تي غور ڪيو ويندو.اپيڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي خاتمي، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپ گريڊيشن جي قدمن تي غور ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو