7 ارب جي بانڊ جو شرط مسلم ليگ رد ڪري ڇڏيو، اجلاس طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مريم اورنگزيب موجب مسلم ليگ (ن) حڪومتي شرط رد ڪندي سينئر پارٽي قيادت جو اجلاس خميس تي لاهور ۾ طلب ڪيو آهي جنهن ۾ حتمي فيصلو ڪيو ويندو ۽ ان جو اعلان 3 وڳي پريس ڪانفرنس م شهباز شريف ڪندو. قوي امڪان آهي ته هو حڪومتي فيصلي خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪندا. ان کان اڳ قانون جي وفاقي وزير فروغ نسيم چيو ته ميان نواز شريف العزيزيه اسٽيل ملز ڪيس ۾ لاڳو ڪيل ڏنڊ جي رقم جيڪا 7 کان ساڍا ست ارب روپيا جي لڳ ڀڳ آهي ان بابت انڊيمنٽي بانڊ (نقصان جي تلافي يا هرجاڻي وارو بانڊ) ڏئي علاج لاءِ هڪ ڀيرو 4 هفتن لاءِ پرڏيهه وڃي سگهي ٿو. شهزاد اڪبر سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته شهباز شريف جي درخواست آئي هئي جنهن سان گڏ شريف ميڊيڪل سٽي جي هڪ رپورٽ هئي جيڪا اسين ميڊيڪل بورڊ کان تصديق ڪرائي وئي هئي. هن جي طبيعت خراب آهي ۽ انساني بنياد تي حڪومت اهو فيصلو ڪيو آهي. انڊيمنٽي بانڊ هو جمع ڪرائيندو. 2010 اي سي ايل ۽ 1980 جي رولز موجب اي سي ايل مان نالو خارج نٿو ڪري سگهجي پر هڪ دفعو اجازت ڏئي سگهجي ٿي. جسٽس عامر فاروق جي فيصلي جو حوالو ڏنو ۽ چيو ته اي سي ايل مان نالو ڪڍڻ جو اختيار حڪومت کي آهي. هن چيو ته اسين اجازت نامون جاري ڪري ڇڏينداسين باقي هن جي مرضي 1981 جي قانون جي سيڪشن 2 موجب حڪومت کي اختيار آهي ته انڊيمنٽي بانڊ وٺي. شهزاد اڪبر چيو ته جنهن ملڪ ۾ هو علاج ڪرائيندو ته ان ملڪ کي اسين آگاهه ڪنداسين ته هنن شرطن هيٺ کيس موڪليو وڃي ٿو. فروغ نسيم چيو ته 2007 ۾ رئوف بي قادري جي ڪيس ۾ عدالتي فيصلو هن نوعيت جو معاملو هو. اسين چاهيون ٿا ته هو جلد صحتياب ٿي واپس سياست ڪري. پرويز مشرف بابت سوال تي هن چيو ته هو سزا يافته نه هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بنا بانڊ جي اجازت جا مثال به موجود آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو