سنڌ ۾ 6 لک 80 هزار کان وڌيڪ آن لائين ڊرائيونگ لائسنس جاري

سنڌ ۾ 6 لک 80 هزار کان وڌيڪ آن لائين ڊرائيونگ لائسنس جاري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ 24 آڪٽوبر 2024ع تي شروع ڪيل آن لائين ڊرائيونگ لائسنس سسٽم کي ٻه سال مڪمل ٿي ويا آهن. ڊي آءِ جي ٽريننگ اينڊ لائسنس سنڌ يونس چانڊيو موجب ٻن سالن دوران سنڌ ۾ 9 لک 47 هزار 318 صارفين آن لائين سسٽم تي رجسٽرڊ ٿيا، جڏهن ته شهرين گهر ويٺي پاڻمرادو 6 لک 80 هزار 522 ڊرائيونگ لائسنس جاري ڪرايا. هن ٻڌايو ته 6 لک هڪ هزار 59 شهرين آن لائين لرنر ڊرائيونگ لائسنس حاصل ڪيا، 57 هزار 432 ڄڻن پنهنجا ڊرائيونگ لائسنس پاڻمرادو تجديد ڪرائي گهر ويٺي وصول ڪيا، جڏهن ته 22 هزار 31 شهرين انٽرنيشنل ڊرائيونگ پرمٽ جاري ڪرايا. ڊي آءِ جي يونس چانڊيو چيو ته شهرين سنڌ حڪومت جي جديد سهولتن مان ڀرپور فائدو وٺي رهيا آهن، جنهن سان رشوت ستاڻي جو خاتمو ٿيو آهي. هن چيو ته خاص ٽيمون شهرين کي گهر ويٺي به لائسنس جاري ڪري ڏئي رهيون آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو