65 ايم جي ڊي منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي: صوبائي وزير

65 ايم جي ڊي منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي: صوبائي وزير

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي صدارت هيٺ 65 ايم جي ڊي پروجيڪٽ بابت اعليٰ سطحي اجلاس 65 ايم جي ڊي منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي. صوبائي وزير جي سخت ھدايت، شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي تفصيل موجب سنڌ جي مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي صدارت هيٺ واٽر بورڊ جي اھم 65 ايم جي ڊي جي منصوبي بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ سيد نجم شاھ، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر 65 ايم جي ڊي ظفر پليجو، پروجيڪٽ مئنيجر اڪرم بلوچ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر موجود هئا، اجلاس جي موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر 65 ايم جي ڊي پاران صوبائي واري وزير کي منصوبي بابت بريفنگ ڏيندي چيو تہ سنڌو درياھ مان ڪراچي جي لاء پاڻي ڪوٽا 650 ايم جي ڊي مختص آهي، جنهن مان 500 ايم جي ڊي پاڻي واٽر بورڊ، 20 ايم جي ڊي پورٽ قاسم ۽ اسٽيل مل کڻي رهيا آهن، جڏهن تہ 130 ايم جي ڊي پاڻي ڪوٽا اڃا باقي رھي ٿو، جنهن ڪري 65 ايم جي ڊي منصوبو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو تہ 65 ايم جي ڊي منصوبي جا 3 پيڪيج آهن، پيڪيج I ۾ آر ڊي 88 کان پاڻي باء گريوٽي گھارو پمپنگ اسٽيشن تائين آڻيو ويندو، جنهن جو ڪم اين ايل سي حوالي ڪيو ويو آهي، جنهن تي 30 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، پيڪيج II جو ٽينڊر ايوارڊ ڪرڻو آهي ۽ پيڪيج III ۾ گهارو پمپنگ اسٽيشن کان هاءِ پوائنٽ تائين پاڻي آندو ويندو، جنهن ۾ 72 انچ ڊايا ايم ايس لائين 11 ڪلوميٽر تائين وڇائي ويندي جنهن مان 2 ڪلوميٽر تائين لائين وڇائي وئي آهي ۽ مين ريلوي لائين پڻ ڪراس ڪئي وئي آهي، جنهن جو ڪم حاجي سراج الدين سومرو کي ڏنو ويو آهي، ھن وڌيڪ چيو تہ ان منصوبي کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت روائيز پي سي-I ۾ 9146 ملين منظور ڪيا آهن، جڏهن تہ هن سال جي بجيٽ ۾ 1150 ملين رپيا رکيا ويا آهن، ان موقعي تي منصوبي جي ٺيڪيدار ڪمپني پاران صوبائي وزير کي درخواست ڪندي چيو تہ مهانگائي سبب منصوبي جي لاڳت ۾ 100 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جنھن جو جائزو وٺي ڪري ان تي نظرثاني ڪئي وڃي، جنهن تي صوبائي وزير چيو تہ رولز کي مدنظر رکندي فنڊز جاري ڪيا ويندا ٻئي صورت ۾ ٽينڊر رد ڪيا ويندا، اجلاس جي موقعي تي صوبائي وزير ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ 65 ايم جي ڊي منصوبي کي فوري طور تي مڪمل ڪيو وڃي ڇو تہ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ھن وڌيڪ چيو تہ سنڌ حڪومت پاڻي جي سمورن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ سمورا فنڊ جاري ڪندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو