افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جا 6 هزار ويڙهاڪ موجود آهن: تارڙ

افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جا 6 هزار ويڙهاڪ موجود آهن: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير اطلاعات عطا الله تارڙ دعويٰ ڪئي آهي ته افغانستان ۾ 20 هزار کان وڌيڪ شدت پسند موجود آهن، جڏهن ته پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) جا 6 هزار کان وڌيڪ ويڙهاڪ افغان سرزمين تي پناهه ورتل آهناسلام آباد ۾ دهشتگرديءَ خلاف بدلجندڙ صورتحال بابت ڪوٺايل ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عطا الله تارڙ چيو ته پاڪستان مختلف عالمي ۽ سفارتي فورمن تي افغان حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهي ته هو پنهنجي سرزمين شدت پسندن کي استعمال ڪرڻ نه ڏئي. هن دعويٰ ڪئي ته شدت پسند افغانستان ۾ محفوظ ٿاڪن تي موجود آهن، جتي کين مختلف نوعيت جي تربيت پڻ ڏني وڃي ٿي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان افغانستان مان انتهاپسندي ۽ شدت پسنديءَ جي خاتمي جو خواهشمند آهي ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو. عطا تارڙ چيو ته پاڪستان هن وقت شدت پسنديءَ جي سنگين چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، پر ملڪ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ بي مثال قربانيون ڏئي نه رڳو پنهنجي پر عالمي سلامتيءَ لاءِ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن دعويٰ ڪئي ته شدت پسنديءَ خلاف جنگ ۾ پاڪستان سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن، جڏهن ته ملڪ کي 100 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو معاشي نقصان پڻ برداشت ڪرڻو پيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان کي انتهاپسنديءَ جي چئلينج کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، پر رياستي ادارا ۽ عوام گڏجي ان خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ پرعزم آهن. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ثالثيءَ جو ڪردار پڻ ادا ڪيو آهي ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ مثبت سفارتي ڪوششون جاري رکيون آهن. عطا تارڙ زور ڀريو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان نه رڳو پاڪستان پر پوري خطي جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان پنهنجو تعميري ڪردار ادا ڪندو رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو