جاچ آفيسر جي ڪمري مان 6 ڪروڙ جو سامان گم، انسپيڪٽر گرفتار

جاچ آفيسر جي ڪمري مان 6 ڪروڙ جو سامان گم، انسپيڪٽر گرفتار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ۾ داخل ڪيس ۾ ضبط ڪيل قيمتي سامان جاچ آفيسر جي ڪمري مان گم ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن بعد ايف آءِ اي ڪراچي جاچ انسپيڪٽر شيخ سهيل محمود کي گرفتار ڪري ورتو.ڪيس جي تفصيلن موجب 7 مئي 2026ع تي مختلف هنڌن تي ڪارروائين دوران ضبط ڪيل سامان ايف آءِ اي جي تحويل ۾ ڏنو ويو هو. ضبط ٿيل سامان ۾ چاندي، ڊائيز، ليجر، رجسٽر، مهرون، وزن ڪرڻ واري مشين ۽ هڪ لاڪر شامل هئا.ڪيس ۾ مجموعي طور 4 هزار 584 تولا، يعني لڳ ڀڳ 53 ڪلوگرام چاندي، سون ۽ ٻيون لاڳاپيل شيون ڄاڻايون ويون آهن، جن جي ماليت لڳ ڀڳ 6 ڪروڙ 40 لک رپيا ٻڌائي وئي آهي.ڪيس موجب ضبط ڪيل قيمتي ڌاتن جي حفاظت ۽ تحويل انسپيڪٽر شيخ سهيل محمود حوالي ڪئي وئي هئي، جيڪو ايف آءِ اي اينٽي ڪرپشن سرڪل ڪراچيءَ ۾ مقرر هو.ڪيس ۾ الزام لڳايو ويو آهي ته ضبط ڪيل سامان کي باقاعدي مال خاني ۾ جمع ڪرائڻ بدران هڪ الڳ ڪمري ۾ ذاتي تالي ۽ چاٻيءَ سان رکيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو