60 سالن جو پيرسن عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا، ڀُنگ طلب

ٺل(عبدالنبي شيخ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ گنهور بنگلاڻي جو رهواسي ريلوي جو رٽائرڊ ملازم 60 سالن جو محمد بچل بنگلاڻي عورتاڻي آواز ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو آهي جڏهن ته ڌاڙيلن پاران مغوي پيرسن جي وارثن سان رابطو ڪري 50 لک ڀنگ پڻ طلب ڪيو آهي. رابطو ڪرڻ تي پيرسن جي پٽ خميسو بنگلاڻي ٻڌايو ته منهنجو والد گهران کان شهر لاءِ نڪتو پر واپس نه ٿيو آهي اڄ ڌاڙيلن فون تي رابطو ڪري ڀنگ طلب ڪيو آهي نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جي پڻ ڌمڪي ڏني آهي اسان غريب آهيون اسان جي مدد ڪئي وڃي. هوڏانهن اهڙي واقعي بعد مغوي جا وارث اي سيڪشن ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ ٿيڻ جي داخل ڪرائي وئي آهي اي سيڪشن پوليس موجب پيرسن اسان جي حد مان اغوا ناهي ٿيو جڏهن ته هو عورتاڻي آواز ۾ هرکجي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو