6 ڪئنالن وارو منصوبو غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي: نثار کهڙو

6 ڪئنالن وارو منصوبو غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو / ميروخان (رپورٽر) پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار کهڙو جي اڳواڻيءَ ۾ سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال اڏڻ واري منصوبي خلاف ميروخان ۾ ڀٽو پئٽرول پمپ کان عرضي ڀٽو چوڪ تائين احتجاجي مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ شامل سوين پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن سنڌو درياهه تي ڪئنال نامنظور جا نعرا هنيا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو چيو ته 6 ڪئنال منصوبو سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي لاءِ موت جو منصوبو ۽ سنڌ جي وجود جي خلاف سازش آهي، پاڻي زندگي آهي ۽ پيپلز پارٽي ڪنهن کي به سنڌ جي ماڻهن جي زندگين سان کيڏڻ نه ڏيندي. هن چيو ته 6 ڪئنالن وارو منصوبو غيرآئيني ۽ غيرقانوني آهي ان لاءِ وفاقي حڪومت ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو اعلان ڪري. جيڪڏهن مسلم ليگ ن جي وفاقي حڪومت ڪئنالن واري معاملي تي ضد تي آهي ته پوءِ سنڌ به ڪئنالن خلاف ضد تی هڪ آهي. هن چيو ته ڪوٽڙي کان هيٺ پاڻي نه هئڻ جي ڪري سنڌ جي 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ ايراضي بنجر بڻجي وئي آهي، سنڌو درياهه پاڻي جي کوٽ جي ڪري ڪربلا جو منظر پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ارسا طرفان نگران حڪومت ۾ پاڻي جي اضافي موجودگيءَ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ غيرآئيني ۽ سنڌ دشمني عمل آهي ان لاء ارسا جي نئين سر جوڙجڪ ڪري ارسا چيئرمين سميت ارسا ۾ وفاقي ميمبر سنڌ مان کنيو وڃي، سنڌ ارسا جي هڪطرفي پاڻي موجودگيءَ واري فيصلي کي سي سي آءِ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي، سي سي آءِ جو اجلاس سڏائي سنڌ جي آئيني اعتراضن کي ٻڌي تڪراري ڪئنال منصوبي کي ختم ڪيو وڃي. نثار کهڙو چيو ته پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي ڪو به ڪئنال ٺهڻ نه ڏيندي نه ئي ڪنهن کي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ ڏنو ويندو، پيپلز پارٽي ماضيءَ ۾ به ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ هلائي ۽ هاڻي به ڪئنالن خلاف تحريڪ هلائينداسين۔ هن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪئنالن جي خلاف مشعل بردار ريليون ڪڍي عوام ٻڌائي ڇڏيو آهي ته سنڌ کي 6 ڪئنالن وارو منصوبو ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، پاڻي جي مسئلي تي گڏيل جدوجهد ۽ هڪ آواز بڻجڻ جي ضرورت آهي جنهن طرح گڏيل جدوجهد جي ذريعي ڪالاباغ ڊيم منصوبي کي رد ڪرايو ھیو اهڙي طرح 6 ڪئنال منصوبي کي به رد ڪرائينداسين. هن چيو ته پيپلز پارٽي کي روڊ رستا به ڏٺل آهن ۽ تحريڪون هلائڻ به اينديون آهن ان لاءِ سنڌ دشمن منصوبن کان پاسو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو