ٺٽو (عبدالوحيد سومرو) ٺٽي ويجهو پير جو ڳوٺ وٽ سارين جو لابارو ڪري موٽندڙ پورهيت ڪٽنب سان خوفناڪ حادثو پيش آيو آهي، جتي پراڙ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي لٽڪيل بجلي جي تارن سان ٽڪرائجڻ جي نتيجي ۾ 2 عورتن سميت 6 ڄڻا موقعي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 12 جڻا سخت زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب ٺٽي ويجهو پير جو ڳوٺ لڳ لنڪ روڊ تان گذرندڙ پراڙ ۽ اَن سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي متحرڪ بجلي جي لٽڪيل هاءِ وولٽيج تارن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرالي مٿان سوار ميربحر برادري سان تعلق رکندڙ 6 ڄڻا الهڏنو ميربحر، سندس نوجوان پٽ عيني ميربحر، مختيار ميربحر، سڪندر ميربحر، فريده ميربحر ۽ شبيران ميربحر موقعي تي ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. حادثي ۾ زبيده، فرزانه، نازي، بلاول، ريشمان، سماني ۽ سلمان سميت 12 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.افسوسناڪ واقعي بعد ايمبولينس سروس نه پهچڻ سبب مقامي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت سوزوڪين ۽ ڪارن ذريعي فوتين جا لاش توڙي زخمين کي سول اسپتال ٺٽو پهچايو، جتي زخمين کي ايمرجنسي شعبي ۾ داخل ڪيو ويو، جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري ڪارروائي بعد وارث ڳوٺ حاجي عيسو پنهور کڻائي ويا. هوڏانهن واقعي جي اطلاع ملندي ئي ضلعي چيئرمين عبدالحميد پنهور سول اسپتال ٺٽو پهچي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن چيو ته حادثو بجلي جون تارون هيٺ لٽڪيل هجڻ سبب پيش آيو آهي، جنهن جي تفصيلي جاچ ڪرائي ويندي. هن متاثر خاندان سان هر ممڪن سهڪار ڪرڻ ۽ سنڌ حڪومت کي پڻ امداد جي سفارش ڪرڻ جو اعلان ڪيو.










