6 سيپٽمبر 1965 جي شھيدن کي ياد ڀيٽا پيش، شاندار پروگرام منعقد

6 سيپٽمبر 1965 جي شھيدن کي ياد ڀيٽا پيش، شاندار پروگرام منعقد

دادو(ن سنڌيار) استاد بخاري گورنمنٽ ڊگري ڪاليج دادو ۾ 6 سيپٽمبر 1965 جي شھيدن کي ياد ڪرڻ ۽ وطن پاڪ لاءِ قربانين ڏيڻ وارن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ استادن، شاگردن ۽ سول سوسائٽيءَ سان گڏجي شاندار پروگرام منعقد ڪيو، تقريب جي شروعات پاڪستان جي قومي تراني ۽ ڪشمير جي قومي تراني سان ڪئي وئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڪاليج جي پروفيسر حبيب الله چارڻ چيو تہ پاڪستان جي سرحدن جي حفاظت ڪندڙ پاڪستاني فوج جي جوانن کي سلام پيش ڪيو انھن جي قربانين کي ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راھ چيو، اسان کي پنهنجي فوج تي فخر آهي پاڪستان جي ھر نوجوان جو اهو خواب ھوندو آھي تہ ھو پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿئي. ڪشمير اسان جو آھي اسين ان کي حاصل ڪري رھنداسين ڪشمير جي معاملي تي مسلمانن کي گڏ ٿيڻ گھرجي پرنسيپال پروفيسر محمد عرفان ڪلھوڙو چيو تہ تعليمي ادارن ۾ قومي ڏهاڙن کي ملهائڻ سان شاگردن ۾ جوش، جذبا ۽ وطن سان محبت پئدا ٿئي ٿي پنهنجي قومي ھيروز کي ياد ڪرڻ سان انھن کي ڀيٽا ڏيڻ سان انھن جي بھادري جا قصا ٻڌائڻ سان شاگردن ۾ فوج ۾ وڃڻ جو رجحان پئدا ٿئي ۽ ملڪ جي خدمت جو جذبو پڻ پئدا ٿئي ٿو، ۽ دنيا جي امن قائم رکڻ لاءِ ڪشمير جو مسئلو حل ٿيڻ گھرجي ڪشميري پاڻ کي اڪيلو نہ سمجھن ۽ چيو تہ استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو پنهنجي شاگردن کي بهترين موقعا ڏئي رھيو آ جنهن سان شاگردن ۾ اعتماد پئدا ٿئي ٿو، پروفيسر حب علي شاھ چيو تہ 6 سيپٽمبر اھو ڏھاڙو آهي جڏھن ھڪ گدڙ شينهن جي اڳيان اچڻ جي غلطي ڪئي، جڏهن بزدل ھندستان پاڪستان تي قبضي ڪرڻ جو ناپاڪ منصوبو جوڙيو ۽ پنهنجي بزدل فوج کي پاڪستان ۾ داخل ڪرڻ جي سازش ڪئي، جڏھن صبح 3.45 تي واھگا باڊر تي پھريون گولو فائر ڪري جنگ جي شروعات ڪئي، پاڪستان جي فوج ھن جنگ ۾ شجاعت، دليري ۽ جانبازي جا تاريخي ڪارناما ڏيکاريا جو دشمن جي فوج پڇ لڪائي وٺي ڀڳي، 22 ڏينهن جي جنگ ۾ توڙي جو دشمن ملڪ کي عسڪري برتري ۽ ھوائي برتريءَ جو غرور ھيو، مگر 59 ھوائي جھازن جي تباھي ۽ 156 ٽئڪن جي تباھي جو منھن ڏسڻو پيو، ڀارت جو شھر چاونڊا اڄ تائين ڀارتي ٽئڪن جي قبرستان طور سڃاتو وڃي ٿو، ميجر شفقت بلوچ. 110 جوانن جي مدد سان دشمنن جي پوري برگيڊ کي 16 ڪلاڪن تائين روڪي رکيو ۽ پسپا ڪرڻ تي مجبور ڪيو، ميجر يونس خان ھندستان جي شھر پٽاڻ ڪوٽ ۾ فوجي اڏي تي حملو ڪري دشمنن جي ھوائي جھازن جو قبرستان ٺاھي ڇڏيو صرف ھڪ حملي ۾ دشمنن جا 15 جھاز ڍير ڪري ڇڏيا، ڳوٺ ڪيپٽن سرور، ميجر طفيل، ميجر راجا عزيز ڀٽي، ميجر شبيرشريف، ميجر محمد اڪرم، ميجر محمد حسين جنجوا، لارنس نائيڪ محمد محفوظ بهادري سان وڙهندي پنهنجي جان وطن عزيز تان قربان ڪئي ۽ نشان حيدر جي اعزار سان تاريخ ۾ امر ٿي ويا خلافت عثمانيہ کان پوءِ پھريون دفعو مسلمانن ۾ ملت اسلاميہ جو روح ڏسڻ ۾ آيو، ھن جنگ ۾ عام پاڪستاني توڙي فوج ھر محاذ تي ايڪي، اتحاد ۽ ھڪ قوم ھجڻ جو ثبوت ڏنو،پروفيسر خالد حسين سومرو چيو تہ پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ جتي بہ پاڪستاني رھن ٿا يوم دفاع کي ملهائڻ جو سلسلو اڄ ھلي رھيو آھي پاڪستان جو دفاع اسين پاڪستانين جي اولين سوچ ۽ گھرج آ، اسين پاڪستان فوج سان گڏ آھيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو