6 ججن جي خط تي سياست نه ٿيڻ گهرجي: تارڙ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قانون واري وزير نذير تارڙ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان تصدق حسين جيلاني کي انڪوائري ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪرڻ تي چونڊيل وڪيلن جي تنظيمن جي اعتماد جي اظهار جي آجيان ڪندي چيو آهي ته معزز 6 جج جي خط تي سياست نه ٿيڻ گهرجي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جا اعلان عدليه جي غير جانبداري جو مظهر آهن.اعظم نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته خيبرپختونخوا بار ڪائونسل، پنجاب بار ڪائونسل ۽ اسلام آباد بار ڪائونسل به ڪميشن ۽ جسٽس تصدق جيلاني تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ بار، ايبٽ آباد هاءِ ڪورٽ بار، لاهور بار ايسوسيئيشن، ملتان هاءِ ڪورٽ بار، بهاولپور هاءِ ڪورٽ بار تي اعتماد جو اظهار مثبت پيش رفت آهي.قانون واري وزير جو چوڻ آهي ته حڪومت چاهي ٿي ته حقيقت قوم آڏو اچي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙيون شڪايتون پيدا نه ٿين، شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ۽ ڪابينا عدليه جي آزادي جي اصول جي قائل آهي.هن اهو به چيو آهي ته حڪومت ۽ ڪابينا آئين ۾ ڏنل رياستي اختيارن جي ورهاڱي جي اصول جي قائل آهن، عدليه جي آزادي ۽ 6 معزز ججن جي خط تي سياست نه ٿيڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو