اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بغير ايم ٽيگ يا گهٽ بيلنس وارين گاڏين کان 50 سيڪڙو واڌو ٽول ٽيڪس جي وصولي روڪڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي.واڌو ٽول ٽيڪس وصولي جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست تي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ٿي، جنهن دوران نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) پاران لکت ۾ جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو ويو.جسٽس ارباب درخواستگذار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته “ڇا اوهان کي جواب جي ڪاپي ملي وئي آهي؟” جنهن تي وڪيل چيو ته “جي، هينئر ئي فراهم ڪئي وئي آهي پر جواب پڙهي ناهيان سگهيو.اين ايڇ اي جي وڪيل جو چوڻ هو ته اهڙي ئي نوعيت جو هڪ ٻيو ڪيس به ٻڌڻي هيٺ آهي، ٻنهي کي گڏ ڪيو وڃي، جنهن تي جسٽس ارباب محمد طاهر چيو ته “جي، اهو اسان جي علم ۾ آهي، هي ٻئي ڌار ڌار ڪيس آهن.”عدالت اين ايڇ اي کي بغير ايم ٽيگ يا گهٽ بيلنس وارين گاڏين کان 50 سيڪڙو واڌو ٽول ٽيڪس جي وصولي روڪڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.










