اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي وزير امين الحق جو چوڻ آهي ته 5 جي کي ڪاروبار دوست بڻائڻ لاءِ حڪومتي سطح تي هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، 5 جي جي شروعاتي ٽرائل ڪوريج وڏن شهرن جي مخصوص پوائنٽس تي شروع ڪئي ويندي.اتصالات انٽرنيشنل جي چيف ايگزيڪيوٽو امين الحق جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي.ان موقعي تي امين الحق چيو ته پهرين ترجيح 4 جي ٽيڪنالاجي جو دائرو سڄي ملڪ ۾ وڌائڻ آهي، ٽيڪنالاجي جو مستقبل 5 جي ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ سان مشروط آهي.هن چيو ته آءِ ٽي واري وزارت سمورين موبائل ڪمپنين کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪري رهي آهي، ٽيلي ڪام ڪمپنيون پاڪستان ۾ جديد ٽيڪنالاجي آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.وفاقي وزير امين الحق جو چوڻ آهي ته هو نٿا چاهين ته پاڪستان ٽيڪنالاجيءَ جي عالمي ڊوڙ مان ٻاهر نڪري، ڪمپنيون پنهنجون تياريون ڪن.اتصالات جي وفد پاڪستان ۾ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي حوالي سان وفاقي وزير جي قدمن کي ساراهيو.اتصالات انٽرنيشنل جي سي اي او ميخائل گرچڪ چيو ته پاڪستان ۾ آئي ٽي يو ٽيلي ڪام جي مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ تيار آهي.










