پشاور ۾ ڪارروائي، اهم ڪمانڊر سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور ۾ ڪارروائي، اهم ڪمانڊر سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا

پشاور (ويب ڊيسڪ) پشاور ۾ شمشتو ڪيمپ جي ويجهو ”ارمڙ“ واري علائقي ۾ سي ٽي ڊي جي هڪ آپريشن دوران پابندي مڙهيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت پنج اهم دهشتگرد مارجي ويا.مارجي ويل دهشتگردن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ”آءِ ايس-ڪي پي جو اهم ڪمانڊر عمران به شامل هو. اهي دهشتگرد حساس تنصيبات، امام بارگاهن ۽ گرجا گهرن تي وڏن حملن جي رٿابندي ڪري رهيا هئا. سي ٽي ڊي موجب آپريشن دوران مارجي ويل پنجن دهشتگردن وٽان هڪ ايس ايم جي (SMG)، چار پسٽل، ٻه هٿ گريناڊ، هڪ آءِ اي ڊي (IED)، پنج ميگزين ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون هٿ ڪيون ويون.سي ٽي ڊي جي عملدارن ٻڌايو ته عمران – عرف ابو بڪر، جيڪو پابندي مڙهيل ”آءِ ايس-ڪي پي“ جو اهم ڪمانڊر هو – هڪ اشتهاري ڏوهاري هو ۽ دهشتگردي، بم ڌماڪن ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ جي 20 ڪيسن ۾ گهربل هو. سي ٽي ڊي موجب، عمران مولانا خانزيب، سينيٽر هدايت الله ۽ ريحانزيب جي قتل، توڙي ترلائي امام بارگاهه تي خودڪش حملي جي ڪيسن ۾ گهربل هو.سي ٽي ڊي انڪشاف ڪيو ته عمران (عرف ابو بڪر) ترلائي حملي لاءِ خودڪش جيڪٽ باجوڙ مان حاصل ڪئي هئي ۽ خودڪش بمبار کي نوشهرا کان ترلائي پهچايو هو.عمران جي گرفتاري يا هن جي موجودگي بابت ڄاڻ ڏيڻ تي 12 لک (1.2 ملين) رپين جي انعام جو اعلان ڪيل هو. علائقي ۾ هن وقت ڳولا ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو