ڪراچي ۾ ڪارروائي، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي ۾ ڪارروائي، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سرجاڻي ٽائون ۾ پاڪستان رينجرز سنڌ ۽ ضلعي ويسٽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي بين الصوبائي انساني اسمگلنگ ۾ ملوث پنج جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رينجرز جي ترجمان موجب گرفتار جوابدار غيرقانوني افغان شهرين کي حب مان ڪراچي منتقل ڪندا هئا. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ عبدالعزيز بروهي، محمد بخش دشتي، علي حسن بروهي، نديم بروهي ۽ جميل بروهي طور ڪئي وئي آهي. جوابدار غيرقانوني افغان شهرين کي حب ۾ عارضي رهائش پڻ فراهم ڪندا هئا. رينجرز موجب جوابدارن وٽان هٿيار، منشيات ۽ سوزوڪي لوڊَر گاڏي هٿ ڪئي وئي آهي. اهي گرفتاري کان بچڻ لاءِ منگهو پير، بند مراد، سرجاڻي ۽ ناردرن باءِ پاس جا ڪچا رستا استعمال ڪندا هئا. ترجمان موجب جوابدار هڪ خاندان کي ڪراچي منتقل ڪرڻ جي عيوض لڳ ڀڳ 2 لک رپيا وصول ڪندا هئا. گرفتار جوابدارن انڪشاف ڪيو آهي ته هنن هڪ مهيني دوران لڳ ڀڳ 230 غيرقانوني افغان شهرين کي ڪراچي منتقل ڪيو. رينجرز موجب انساني اسمگلنگ لاءِ ننڍيون گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون پڻ استعمال ڪيون وينديون هيون، جڏهن ته گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا جاري آهن. رينجرز سنڌ جي ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙي ئي نوعيت جو هڪ گروهه بلوچستان مان دهشتگرد حملن ۾ ملوث جوابدارن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ ۾ پڻ مدد ڪندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو