ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن ٽي تلوار واري علائقي ۾ هڪ سپر مارڪيٽ مان پنجاهه لک رپيا چوري ٿي ويا.پوليس ٻڌايو ته چوري ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت ملوث هئا ۽ جوابدارن وٽ تالن جون چاٻيون موجود هيون. پوليس موجب، جوابدارن عمارت جا تالا کوليا، 50 لک رپين کان وڌيڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا.ان کان علاوه، ڪلفٽن بلاڪ 8 ۾ ڦورو هڪ واپاري کان 17 لک رپيا ڦري فرار ٿي ويا.متاثرہ واپاري ٻڌايو ته واردات ۾ ست هٿياربند جوابدار ملوث هئا، جيڪي ٽن موٽرسائيڪلن تي سوار هئا.پوليس جو چوڻ آهي ته سي سي ٽي وي فوٽيج جي مدد سان جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.










