ڊي آءِ خان ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڊي آءِ خان ۾ فائرنگ، 5 ڄڻا مارجي ويا

ڊي آءِ خان (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڊيرا اسماعيل خان ۾ فائرنگ جي مختلف واقعن دوران پوليس اهلڪار ۽ ايف بي آر جي ٻن ملازمن سميت 5 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته پوليس موبائل تي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿي پيو. واقعن کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.پوليس موجب ٿاڻي يونيورسٽي ٽائون جي حدن ۾ نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوارن فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته مارجي ويلن ۾ ايف بي آر جا 2 اهلڪار ۽ 2 شهري شامل آهن.ٻئي طرف ڊي آءِ خان جي گلستان چوڪ هاءِ وي تي به موٽرسائيڪل سوارن پوليس موبائل تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو، جڏهن ته ٻيو اهلڪار زخمي ٿي پيو. پوليس موجب فائرنگ جي واقعن بابت جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو