دالبندين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 5.1 شدت جو زلزلو

دالبندين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 5.1 شدت جو زلزلو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي شهر دالبندين ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، جنهن سبب ماڻهن ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو. زلزلي جي ماپ ڪندڙ مرڪز موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.1 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جو مرڪز دالبندين کان 15 ڪلوميٽر اوڀر طرف ۽ گهرائي 53 ڪلوميٽر هئي. زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيڻ شرط شهري ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.اختيارين موجب هن وقت تائين زلزلي سبب ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جا اطلاع ناهن مليا.

پهنجو تبصرو موڪليو