پيرجوڳوٺ(صفي الله مڱڻيجو) احمدپور جي سيد محلا ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ سبب 5 گھر سڙي رک ٿي ويا. لکين روپين جو قيمتي سامان به سڙي ويو، پورهيتن پرويز ڪلهوڙو، جانب ڪلهوڙو، شمس الدين، عبدالجميد، صاحب شاهه جا گھر ۽ گھرن ۾ پيل قيمتي سامان موٽرسائيڪل، ايل اي ڊي ٽي وي، بجلي جا پنکا، اناج، روڪ رقم توڙي ٻن نياڻين جو ڏاج سڙي رک ٿي ويو آهي جڏهن ته ڳوٺاڻا صرف جانيون بچائي مس نڪتا، جيڪي کليل آسمان هيٺ بي يارومددگار ويٺل آهن، ان ڏس ۾ باهه متاثرين احتجاج ڪندي چيو ته اطلاع جي باوجود پيرڳوٺ ۽ خيرپور مان فائر بريگيڊ گاڏيون ڪيترائي ڪلاڪ گذرڻ باوجود نه پهتيون جنهنڪري وڌيڪ نقصان ٿي ويو، جڏهن ته گھرن ٻاهران بيٺل ڪيترائي کجين جا وڻ پڻ سڙي ويا.










