ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بينڪ پنج هزار رپين جي نوٽ تي پابندي وارين خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. مرڪزي بينڪ جي ترجمان طرفان جاري ٿيندڙ بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنج هزار رپين جي نوٽ تي پابندي نه پئي لڳائي وڃي ۽ پنج هزار رپين جي نوٽ کي بند ڪرڻ لاءِ اهڙي ڪا به تجويز غور هيٺ ناهي. هن وڌيڪ ڄاڻايو ته 5 هزار رپين جي نوٽ جي پابندي بابت هلندڙ خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي.










