5 سال اڳ ڀرتي ٿيل 65 پوليس اهلڪار جعلي ڄاڻائي فارغ

5 سال اڳ ڀرتي ٿيل 65 پوليس اهلڪار جعلي ڄاڻائي فارغ

ڪنڌڪوٽ (غالب بلوچ) 2014 ڌاري سنڌپوليس ۾ ڀرتي ڄاڻايل ڪشمور ضلع سان واڳيل 65 پوليس اھلڪارن خلاف ھڪ سال کان ھلندڙانڪوائري جي نتيجي ۾ آرڊر ڪوڙا ثابت ٿيڻ بعد آءِ جي سنڌ پاران ايس ايس پي ڪشمور ڏانھن ھڪ ليٽر ذريعي 65 پوليس اھڪارن جي لسٽ اماڻيندي کين حڪم جاري ڪيو ويو ته ذڪرڪيل سڀني پوليس اھلڪارن کان سرڪاري ھٿيار ۽ ٻيو جاري ڪيل سرڪاري سامان واپس وٺي کين فارغ ڪيو وڃي. جڏھن ته آءِ جي سنڌ جي اھڙي حڪم نامي بعد ايس ايس پي ڪشمور پاران غير قانوني ڀرتي ٿيل 65 پوليس اھلڪارن کان سرڪاري ھٿيار ۽ سامان واپس وٺي فارغ ڪيوويو.

ان سلسلي ۾ ملندڙ معلومات موجب 2013 ۽ 14 ۾ ايس پي آفيس ڪشمور جي چئن ڪلارڪن ممتاز علي اعواڻ، ھدايت اللھ کوکر، سھيل اعواڻ ۽ غلام مصطفيٰ ميراڻي پاران ڏوڪڙن عيوض 65 پوليس اھلڪارن کي جعلي آرڊر جاري ڪيا ويا انھن ڀرتي ٿيل اھلڪارن جون آءِ ڊيون پڻ 2017 ۾ کولرايون ويون ھيون جيڪي انڪوائري ۾ ڪوڙيون ثابت ٿيڻ بعد چئني ڪلارڪن کي ھڪ مھينو اڳواٽ نوڪري کان فارغ ڪندي گھر ڀيڙو ڪيويو ويو ھو. ھوڏانھن نوڪري کان نيڪالي ڏنل پوليس اھلڪارن پاران پاڻ سان ٿيندڙناانصافي خلاف گھنٽاگھر چوڪ تي احتجاج ڪندي ورديون ڦاڙي ۽ ٽائرساڙي روڊ بلاڪ ڪندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ آر پي او سکر خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو