پنج سال امن سان مليا ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو: احسن اقبال

پنج سال امن سان مليا ته آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو: احسن اقبال

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) منصوبه بندي واري کاتي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته چين اسان کي بلينڪ چيڪ ڏنو آهي جيڪڏهن اسان جون حالتون صحيح نه ٿيون ته اهو پوئتي هٽي ويندو.گذريل ڏينهن لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ اناڙي سي پيڪ ون جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو جڏهن جٿا سياست ڪندا ته اها رياست نه جهنگ آهي.احسن اقبال چيو ته هاڻ چين ٻيهر تعاون جي لاءِ تيار آهي، چين اسان کي بلينڪ چيڪ ڏنو آهي جيڪڏهن اسان جون حالتون صحيح نه ٿيون ته اهو پوئتي هٽي ويندو. 5 سال امن جي لاءِ ملي ويا ته عالمي مالياتي(آءِ ايم ايف) کان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو.هن چيو ته ملڪ ۾ امن جي بجاءِ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هٿي ملي رهي آهي. ڪجهه ماڻهو مذهبي سياست کي اڀاريندا آهن، اسان کي سوات، سيالڪوٽ ۽ جڙانوالا جهڙن واقعن تي معافي گهرڻي پوندي آهي.وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ملڪ امن، سياسي استحڪام پاليسي جي تسلسل ۽ اصلاحات سان اڳيان وڌي سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو