5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 511 قيدين کي ڦاسيون ڏنيون ويون

5 سالن ۾ پاڪستان ۾ 511 قيدين کي ڦاسيون ڏنيون ويون

ڪراچي(دريا خان شر) جسٽس پروجيڪٽ پاڪستان (جي پي پي) پاران گڏ ڪيل ڊيٽا ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ٻارن، جسماني ۽ ذهني معذورن سميت 4600 قيدين کي موت جي سزا مليل آهي، جيڪي مختلف جيلن ۾ قيد آهن. 2014 کان وٺي مختلف عدالتن پاران کين سزائون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته ان عرصي ۾ 511 قيدين کي مختلف جيلن ۾ ڦاسي ڏني وئي آهي. اهڙي رپورٽ ڇنڇر تي ڪراچي م جاري ڪئي وئي. منعقد ڪيل تقريب جو خاص مهمان وزيراعليٰ جو مشير مرتضيٰ وهاب هو. جنهن ان موقعي تي چيو ته جي پي پي پاران تصديق ٿيل ڊيٽا گڏ ڪئي وئي آهي ۽ هن اداري جي ويب سائٽ تان ميڊيا سميت حڪومتي ۽ غير سرڪاري ادارا به فائدو حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته سندن حڪومت انساني حقن تي يقين رکي ٿي ۽ اهو ئي سبب آهي ته جيل سڌارن بابت 2019 واري قانون ۾ قيدين جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو