5 اي فريم ورڪ معاشي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو

5 اي فريم ورڪ معاشي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته 5 اي فريم ورڪ پاڪستان ۾ معاشي ترقي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته برآمدات، اي پاڪستان، واٽر اينڊ فوڊ سيڪيورٽي، ماحوليات، توانائي ۽ برابري پاڪستان جي ترقي جا ستون آهن.وفاقي وزير چيو ته هي فريم ورڪ برآمدات ۾ واڌ لاءِ نوان ڪاروبار ۽ روزگار جي حوصلا افزائي ڪندو. تعليم، صحت جي واڌاري ۽ آبادي تي ضابطو پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ راهه هموار ڪندا.هن چيو ته سستي ۽ بي ترتيب توانائي جي فراهمي سان معيشت ۽ ڪاروبار کي هٿي ملندي، پاڻي جي ذخيرن ۽ فوڊ سيڪيورٽي ذريعي ماحول کي بهتر بڻايو ويندو.مريم اورنگزيب چيو ته اي پاڪستان ذريعي نوجوانن کي ترقي ۽ بااختيار بڻائڻ جا موقعا ڏنا ويندا.وفاقي وزير جو چوڻ آهي ته جي ڊي پي جي لحاظ کان مالياتي خساري کي 4.9 سيڪڙو مان گهٽائي 4.6 سيڪڙو ڪرڻ ڪاميابي آهي، اهو حڪومت جي صحيح معاشي پاليسي جو مثبت نتيجو آهي.هن چيو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ 76 سيڪڙو گهٽتائي صحيح معاشي پاليسي جي نشاني آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو