5 آگسٽ 2019 تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، شرجيل ميمڻ

5 آگسٽ 2019 تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، شرجيل ميمڻ

ڪراچي)اسٽاف رپورٽر )ڪشمير جي استحصال جي ڏينهن تي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو پيغام چيو آهي ته 5 آگسٽ 2019 تاريخ جو هڪ ڪارو باب آهي، مودي سرڪار والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪري ڪشميرين جي سڃاڻپ، حقن ۽ آزادي جو قتل ڪيو آهي، پاڪستاني قوم ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري رهي آهي، اسان انهن جي عزم، قربانين ۽ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا، پاڪستان جو هر ٻار ڪشميري عوام سان گڏ آهي، ۽ انهن جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺو آهي، پيپلز پارٽي جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين، ۽ اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تائين، ڪشمير اسان جي پرڏيهي پاليسي جو مرڪز رهيو آهي، مقبوضه ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون عالمي ضمير لاءِ هڪ لمحو آهن،بين الاقوامي برادري جي خاموشي هندستان جي غير انساني ڪاررواين کي مضبوط ڪري رهي آهي، جيڪي قابل مذمت آهن، گڏيل قومن ۽ بين الاقوامي انساني حقن جي تنظيمن کي هندستان کي ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ تي مجبور ڪرڻ گهرجي، اڄ، اسان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جو عزم ڪريون ٿا،

پهنجو تبصرو موڪليو