5 سالن جو نيننگر روهڙي ڪينال م ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام

نوشهروفيروز(ن س) ڳوٺ ڪريم ڏنو سولنگي مان غائب ٿي ويل 5 سالن جي نينگر فرحان علي جو لاش روهڙي ڪئنال مان هٿ آيو آهي. لاش هٿ اچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ والدين کي بيهوشيءَ جا دورا پئجي رهيا آهن. نينگر گذريل ٻن ڏينهن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو هو ۽ نينگر جي غائب ٿيڻ بابت نوشهروفيروز پوليس کي به اطلاع ڏنو ويو ۽ ڳولا ڪئي وئي ۽ شڪ طور نينگر جي وارثن پاران روهڙي ڪئنال تي چوڪي قائم ڪئي وئي ته ڪئنال مان نينگر جو لاش هٿ آيو. ايس ايڇ او نوشهروفيروز محمد حنيف مهر ٻڌايو ته نينگر جو گهر روهڙي ڪئنال جي ڪپر تي آهي ۽ نينگر راند ڪندي ٻڏي ويو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو