اسلام آباد، ڏوهاري خلاف ڪريڪ ڊائون، 498 جوابدار گرفتار

اسلام آباد، ڏوهاري خلاف ڪريڪ ڊائون، 498 جوابدار گرفتار

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد پوليس جو ڏوهاري عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ٻن هفتن دوران مختلف ڪاررواين ۾ 498 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ترجمان موجب منشيات فروشن خلاف ڪاررواين دوران 73 جوابدار گرفتار ڪيا ويا، جڏهن ته غيرقانوني هٿيار رکڻ ۽ هٿيارن جي نمائش ۾ ملوث 111 جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو. پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان 3 ڪلاشنڪوف، 4 رائفلون، 11 خنجر ۽ مختلف بور جا 94 پسٽل هٿ ڪيا ويا. پوليس ترجمان وڌيڪ ٻڌايو ته ڪريڪ ڊائون دوران ٻن هفتن ۾ 314 اشتهاري جوابدارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو