لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي آفيس پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب صوبي ۾ لائيو اسٽاڪ جي شعبي تحت هڪ سال دوران 4 لک ڍور تيار ڪيا ويا، جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي فارمرن اربين رپين جو منافعو حاصل ڪيو. پڌرائي موجب لائيو اسٽاڪ ڪارڊ اسڪيم تحت هر فارمر کي في ڍور 27 هزار رپين جو منافعو ٿيو. پنجاب ۾ هن وقت تائين فوٽ اينڊ مائوٿ ڊزيز (ايف ايم ڊي) کان پاڪ 8 ڪمپارٽمينٽس جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هلندڙ سال وڌيڪ 7 ڪمپارٽمينٽس قائم ڪيا ويندا. حڪومت موجب انهن قدمن سان پنجاب مان چين، يورپ ۽ آمريڪا ڏانهن ڍورن جي برآمدات جا موقعا پيدا ٿي رهيا آهن. پڌرائي موجب پنجاب مان جانورن جي برآمدات ۾ 43 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته لائيو اسٽاڪ ڪارڊ تحت 129,581 ڍور برآمد ڪيا ويا. شهرن جي لحاظ کان برآمد ڪيل ڍورن ۾ لاهور جا 20 هزار، بهاولپور جا 24,297، فيصل آباد جا 12,529، گوجرانوالا ۽ گجرات جا گڏيل طور 21 هزار، ملتان جا 27 هزار، سرگوڌا جا 22 هزار ۽ ساهيوال جا 2,661 ڍور شامل آهن. پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پنجاب ۾ گوشت جي تياري لاءِ 5 پراسيسنگ پلانٽس ۽ 5 جديد ڪاسائي خانا قائم ڪيا ويندا. ان کانسواءِ گوشت جي پيڪنگ جا مرڪز، ڪمرشل سطح جا فيڊ لاٽس ۽ ڪارپوريٽ فيڊ لاٽس پڻ قائم ڪيا ويندا. حڪومت پنجاب لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ويليو ايڊيشن لاءِ 19 ارب رپين جي فنانسنگ سبسڊي فراهم ڪندي، جڏهن ته گوشت جي ويليو چين ۾ 65 ارب رپين جي نجي سيڙپڪاري متوقع آهي. پڌرائي موجب پنجاب ۾ پهريون ڀيرو سرڪاري ۽ نجي ڀائيواريءَ تحت ايف ايم ڊي ويڪسين تيار ڪرڻ جو يونٽ قائم ڪيو ويندو، جنهن ۾ 28 ارب رپين جي نجي سيڙپڪاري ڪئي ويندي. لائيو اسٽاڪ ڪنيڪٽ سسٽم تحت 1,725 فيٽننگ فارمن، 20 برآمدي مذبح خانن، 88 گوشت جي برآمد ڪندڙن ۽ 34 گوشت جي واپارين سان سڌا رابطا قائم ڪيا ويا آهن. پڌرائي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته لائيو اسٽاڪ ڪارڊ جاري ٿيڻ کانپوءِ پنجاب ۾ ٻهراڙيءَ سان تعلق رکندڙ عورت فارمرن جو انگ 90 مان وڌي 1,107 ٿي ويو آهي.










