40 سال پراڻو انساني هڏين جو ڍانچو نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو

ڊگهڙي (سيد بشير شاھ) ڳوٺ ديھ 170 ۾ قائم قديمي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي سائنس هال جي الماري ۾ پيل لڳ ڀڳ چاليھ سال پراڻو انساني هڏين جي  ڍانچي علائقي ۾ هڪ نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو.ڪجھ ڳوٺاڻن ۽ علائقي واسين جو چوڻ آھي ته اسڪول ۾ پيل حقيقي انساني هڏين جي ڍانچي سبب ٻارن ۾ خوف پيدا ٿي ويو آھي هن جديد دور ۾ اڪثر تعليمي ادارن ۾ فائبر جا آرٽيفيشل هڏن جا ڍانچا پيل آھن جنهن تي ٻار پريڪٽيڪل ڪن ٿا پر اسانجو اسڪول واحد اسڪول آھي جنهن ۾ انساني هڏين جون ڍانچو الماري ۾ بند ڪري انسانيت جي تذليل ڪئي پئي وڃي جڏهن ته مذھبي سوچ رکندڙ ڪجھ ماڻهن جو چوڻ آھي ته مرڻ کانپوءِ انساني جسم مٽي حوالي ڪيو ويندو آھي ۽ بهتر اهو رهندو ته هن ڍانچي کي مٽي ۾ دفن ڪري انهي جاءِ تي فائبر جو ٺهيل ڍانچو رکيو وڃي. ٻئي طرف علائقي ۾ اهي پڻ چوٻول آھن ته رات جي ٽائيم اسڪول ۾ ڪا شيءِ نظر ايندي آھي شايد اها انهيءَ جي روح آھي جيڪا ڀٽڪي رهي آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو