40 سالن جي شخص خودڪشي ڪري ڇڏي

ماتلي (عبدالرزق پنهور) ڪشميري محلي جي رھواسي چاليھ ورھين جي فيض الله ڪشميري گھر اندر ڳچيءَ ۾ رسو وجھي ڇت جي گارڊر سان ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. سندس لاش ڪمري اندر ٽنگيل ڏسي وارثن ماتلي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس لاش تعلقه اسپتال کڻائي پھتي جتي ضروري ڪاروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. خودڪشي ڪندڙ فيض الله ڪمشيري جي ڀاءُ دلشاد  صحافين کي ٻڌايو ته فيض الله نشي جو عادي ھو ۽ نشي آور انجيڪشن ھڻندو ھو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو