ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)آبڪاري ۽ محصولات، اينٽي نارڪوٽيڪس واري صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاولا جي هدايت تي ٽيڪس نه ادا ڪندڙ گاڏين جي مالڪن کان ٽيڪس وصولي جي مهم جي 16هين ڏينهن تائين گڏيل طور تي 40،556 گاڏيون چيڪ ڪيو ويون. مختلف سبب جي بنا تي 2897 گاڏيون قبضي ۾ جڏهن 3430 جي ڪاغذ ضبط ڪيا ويا. روڊ چيڪنگ مهم جي دوران 16هين ڏينهن تائين تقريبن پوڻا پنج ڪروڙ روپين تائين ٽيڪس وصول ڪئي وئي آهي. ڪراچي ۾ 12،077، حيدرآباد ۾ 12،998، سکر ۾ 4537، ميرپور خاص ۾ 5296، لاڙڪاڻي ۾ 3654 ۽ شهيد بينطير آباد ۾ 1994 گاڏيون چيڪ ڪيون ويون. ان کان علاوه صوبائي وزير آبڪاري ۽ محصولات، اينٽي نارڪوٽيس مڪيش ڪمار چاولا پنهنجي هڪ بيان ۾ ٽيڪس نه ادا ڪندڙن کان درخواست ڪئي ته هو پنهنجا ٽيڪسز وقت تي جمع ڪرائي ذميوار شهري ٿيڻ جو مظاهرو ڪن. هن وڌيڪ چيو ته بغير نمبر پليٽ، فينسي نمبر پليٽ، اپلائيڊ فار رجسٽريشن ۽ اوپن ليٽر تي هلڻ واريون گاڏيون ضبط ڪيون وينديون.










