بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر شهيد

بلوچستان ۾ ڪارروايون، 4 دهشتگرد مارجي ويا، ميجر شهيد

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي ضلعي قلات ۽ گوادر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته پاڪ فوج جو ميجر وجاهت وحيد شهيد ٿي ويو.پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر موجب 18 آڪٽوبر تي قلات جي علائقي جتڪ آباد ۾ انٽيليجنس بنيادن تي آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گولا بارود پڻ هٿ ڪيو ويو. ترجمان موجب سيڪيورٽي فورسز گوادر جي علائقي شادي ڪور ۾ ڪليئرنس آپريشن شروع ڪيا، جنهن دوران سيڪيورٽي فورسز جي دستي کي آءِ اي ڊي ذريعي نشانو بڻايو ويو. ڌماڪي جي نتيجي ۾ پاڪ فوج جو ميجر وجاهت وحيد شهيد ٿي ويو، جنهن جي عمر 34 سال ۽ تعلق لاهور سان هو. آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري رهندا. سيڪيورٽي فورسز جتڪ آباد ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي به ڪاميابي سان نشانو بڻايو. سيڪيورٽي فورسز عزمِ استحڪام تحت دهشتگرديءَ خلاف ڪارروايون جاري رکڻ جو عزم ورجايو آهي. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ مان ٻاهرين سرپرستيءَ ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو