ڊي آءِ خان ۾ ڪارروائي، 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا

ڊي آءِ خان ۾ ڪارروائي، 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا

ڊيرا اسماعيل خان(ويب ڊيسڪ) عزم استحڪام ويزن تحت خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري آهن، سيڪيورٽي ذريعن موجب ڊيرا اسماعيل خان ۾ انٽيليجنس بنيادن تي ڪيل آپريشن دوران فتنه الخوارج سان لاڳاپيل 4 مبينا دهشتگرد مارجي ويا. سيڪيورٽي ذريعن دعويٰ ڪئي ته فورسز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي دهشتگردن جي چرپر تي نظر رکندي کين نشانو بڻايو. ذريعن موجب، ڪارروائي کانپوءِ مارجي ويلن وٽان وڏي مقدار ۾ هٿيار، بارود ۽ افغاني ڪرنسي پڻ هٿ ڪئي وئي. سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي ۽ پائيدار امن جي قيام لاءِ پرعزم هجڻ جو اظهار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو