4 مهينا اڳ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيا، عوام آزار ۾

4 مهينا اڳ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيا، عوام آزار ۾

لاکاروڊ (اظھر جلباڻي) گذريل چار مهينن کان لاکاروڊ شهر جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ ۽ روزانو 18کان 20 ڪلاڪ هٿرادو لوڊ شيڊنگ خلاف شهري اتحاد جي اڳواڻ عبدالرحمٰن آرائين ۽ دڪاندارن ظفر اقبال، وسيم اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان سيپڪو عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي مظاهرين چيو ته لاکاروڊ شھر جو مين راڄو ڏاھري پاڙي ۽ هاءِ اسڪول پاڙي سميت ٻه ٽرانسفارمر گذريل چار مهينن کان سڙيل آهن جيڪي تبديل نه ڪيا پيا وڃن ۽ روزانو 18کان 20 ڪلاڪ هٿراڌو لوڊ شيڊنگ ڪري شهرين جي زندگي عذاب بڻجي وئي آهي اسان ريگيولر بل پياريندا آهيون پر ان باوجود ناجائز واڌو بل پڻ موڪليا ٿا وڃن جنهن ڪري شهرين جو ڪاروهنوار سخت متاثر ٿي رهيو آهي. هنن سيپڪو چيف سکر کان مطالبو ڪيو ته نااهل ايل ايس لاکاروڊ کي هٽائي ٻئي عملي خلاف سخت ڪارروائي ڪري شهر جا سڙيل ٽرانسفارمر تبديل ڪيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو