34 سيڪڙو ترقياتي بجٽ ۾ ڪٽوتي باوجود حڪومتي خرچن ۾ رڪارڊ اضافو

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت جي 9 مهينن ۾ مالي خسارو وڌي ويو آهي ۽ جنوري کان مارچ واري ٽه ماهي دوران خساري ۾ واڌ گذريل ڏهن سالن ۾ هڪ رڪارڊ واڌ آهي، جيڪو ڪل ملڪي پيداور يعني ججي دي پي جي 5 سيڪڙو برابر آهي. هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ حڪومتي خرچن ۾ به حيران ڪن حد تائين اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ ترقياتي خرچن ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 34 سيڪڙو گهٽتائي جي باوجود مجموعي حڪومتي خرچ غير معمولي طور وڌي ويا آهن. اهڙي صورتحال هڪومت جي اقتصادي مئينيجرن لاءِ هڪ وڏو جهٽڪو آهي. خرچن ۾ سڀ کان گهڻي واڌ دفاع ۽ قرضن جي ادئگي جي مد ۾ ٿي آهي. گذريل سال 9 مهينن ۾ دفاعي خرچ 623.8 ارب روپيا ٿيو هو ۽ هن مالي سال جي 9 مهينن ۾ 774.8 ارب روپيا خرچ ٿيو آهي جنهن ۾ 24 سيڪڙو واڌ ٿي آهي. جنهن جو هڪ وڏو سبب ڀارت سان مسلسل ڇڪتاڻ وارو ماحول به ٿي سگهي ٿو. ناڻي واري وزارت پاران ويب سائٽ تي جاري ڪيل انگن اکرن موجب 9 مهينن ۾ تجارتي خساري يعني امپورٽ ۽ ايڪسپورٽ ۾ فرق تي حڪومت ضابطو آڻيندي 26 ارب ڊالر کان وڌيڪ گهٽتائي ڪئي آهي يعني امپورٽ گهٽ ٿيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو