نوابشاهه(ن س )سڪرنڊ ۾ تيز رفتار ڪار جي ٽڪر ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.پوليس موجب فوت ٿيل ڄڻا ڳوٺ وڃڻ لاءِ سواري جي انتظار ۾ روڊ ڪناري ويٺل هئا، جتي نامعلوم ڪار کين ٽڪر هڻي فرار ٿي وئي.پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي کانپوءِ ڪار سوار فرار ٿي ويو، جنهن جي ڳولا جاري آهي.










