3 ڄڻن جي بازيابي جي دعويٰ، علائقي ۾ ڀنگ جا چوٻول

3 ڄڻن جي بازيابي جي دعويٰ، علائقي ۾ ڀنگ جا چوٻول

خانپور(رپورٽ زبير گل ) ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خميسو ميراڻي مان مڇي جي تلاءَ تان  16 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل 3 ڄڻن عمران ميراڻي، اقبال ميراڻي، ثناءاللہ ميراڻي کي پوليس مبينا مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آهي.  ان سلسلي م ڊي ايس پي خانپور راؤ شفيع اللہ ڊي ايس پي خانپور آفيس م بازياب ٿيل  3 ڄڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو تہ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان ميراڻي برادري جا 3 ڄڻا 23 جون جي رات ھٿيار بند اغوا ڪري ويا ھئا مختلف وقتن تي پوليس مغوين جي بازيابي جي ڪچي ۾ چڙھايون ڪري ڪوششون ڪندي رھي اڄ ڳجھو اطلاع مليو تہ ڌاڙيل مغوين کي ھڪ جڳھ کان ٻي جڳھ منتقل ڪري رھيا آھن،  پوليس ساڻ ڪري ڪوٽ شاھو ٿاڻي جي حد 6 ميل واري علائقي ۾ مقابلي ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ بعد ڌاڙيلن کان مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي، ڌاڙيل موٽرسائيڪل بہ ڇڏي فرار ٿي ويا آھن، پوليس مقابلي ۾ ڪنھن ڌر جي زخمي ٿيڻ جي سوال تي ڊي ايس پي ٻڌايو تہ ڌاڙيلن توڙي پوليس اھلڪارن مان ڪو بہ زخمي نہ ٿيو آھي، واضح رھي تہ مغوين کان فون ڪرائي وارثن کان مختلف وقتن تي ڀنگ بہ طلب ڪيو ويو ھو. ھوڏانھن علائقي م ٽنھي  مغوين کي  10 لک روپيہ ڀنگ ڀري بازيابي جا چؤٻول ھلي رھيا آھن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو