3 مهاڻا ڀارتي قيد مان آزاد ٿي ڪراچي پهچي ويا

3 مهاڻا ڀارتي قيد مان آزاد ٿي ڪراچي پهچي ويا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان جا ڀارت ۾ قيد 3 مهاڻا آزاد ٿي ڪراچي پهچي ويا آهن. جن ۾ حسن، محمد ۽ جمن شامل آهن، هنن ٻڌايو ته کين 2017 ۾ مڇي جي شڪار دوران ڀارتي نيوي جي اهلڪارن گرفتار ڪيو هو. هنن ٻڌايو ته هو واهگه بارڊر ذريعي لاهور پهتا هئا جتي کين قرنطينه ۾ رکيو ويو ۽ هو اربع تي ڪراچي پهتا. هنن ٻڌايو ته 92 پاڪستاني فشرمين اڃا به ڀارتي قيد ۾ آهن. فشرمين ڪو آپريٽو سوسائٽي پاران کين ويهه ويهه هزار ڏئي گهر روانو ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو