3 سالن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

چيلهار (ساجد نهڙيو) ڳوٺ مٺڙيو کوکر ۾ گذريل ٽن سالن کان استاد نه هجڻ خلاف مٺڙيو واسين جو چيلهار پريس ڪلب اڳيان احتحاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي حاجي کوکر، منور کوکر، لطيف کوکر، عظيم کوکر ۽ ٻين احتحاج ڪندي چيو ته اسان جي ڳوٺ ۾ حڪومت پاران 3 اسڪول ته ڏنا ويا آهن پر انهن ۾ استاد گذريل ٽن سالن کان ناهي جنهن ڪري سندن گلن جهڙن ٻارڙن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن دانهيدي چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي جو دعوائوان ته ڪري ٿي پر جيڪڏهن زميني حقيقتون ڏٺيون وڃن ته ان جي ابتڙ آهن اسان جي ڳوٺ ۾ ٽنهي اسڪولن ۾ استاد ناهي جنهن ڪري ٻه سئو شاگردن جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. هنن تعليم سان لاڳاپيل آفيسرن کان مطالبو ڪيو آهي تي ڳوٺ جي ٽنهي اسڪولن ۾ جلد استاد ڏنا وڃن ته جيئن گلن جهڙن ٻارڙن جو مستقبل اجڙڻ کان بچي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو