290 ، ارب روپين جو “هنگامي قومي زرعي منصوبو” منظور

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت “هنگامي قومي زرعي منصوبو” جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن پروگرام هيٺ صوبن سان گڏجي وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال کان وٺي ايندڙ پنجن سالن تائين 290 ارب روپيا خرچ ڪيا ويندا. هن منصوبي جو مقصد مرغي، مڇي، ڍورن جي فارمز ۽ فصلن جي پيداوار وڌائڻ سان گڏوگڏ پاڻي بچائڻ ۽ ننڍا ڊيم ٺاهڻ به آهي. عملدارن  جو چوڻ آهي ته 290 ارب روپين جي هن پروگرام ۾صوبن جو حصو 35 کان 38 سيڪڙو هوندو ۽ باقي رقم وفاقي حڪومت  فراهم ڪندي. “دي نيوز اخبار” جي رپورٽر اسرار خان سان ڳالهائيندي نيشنل فوڊ سيڪورٽي ۽ ريسرچ واري وزارت جي سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد هاشم پوپلزئي ٻڌايو ته وفاقي حڪومت 19 مارچ تي هن پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ هاڻي صوبن سان صلاح ڪري پروگرام کي اڳتي وڌائبو. هن چيو ته تيرنهن منصوبا شروع ڪنداسين جنهن ۾ڪپهه، دالين ۽ کاڄرو تيل جي پيداوار وڌائڻ به شامل آهي. هن ٻڌايو ته ساليانو پاڪستان سوا چار ارب ڊالر رڳو دالين ۽ کاڄرو تيل درآمد ڪرڻ تي خرچ ڪري ٿو. هن ٻڌايو ته جڏهن زراعت وفاقي شعبو هو ته بجٽ چاليهه ارب روپيا هئي پر جڏهن کان صوبن کي منتقل ٿيو آهي ته ذري گهٽ اڌ بجٽ گهٽجي وئي آهي ۽ هڪ زرعي ملڪ لاءِ اهو تمام غلط آهي. زراعت معيشت جو اهم حصو آهي ان ۾ سيڙپڪاري وڌڻ گهرجي. هن چيو ته 95 سيڪڙو پاڻي زرعي شعبي ۾ استعمال ٿئي ٿو پر واهن ۽ واٽر ڪورسز جي خراب نظام سبب اڌ کان وڌيڪ پاڻي ضايع ٿئي ٿو. هن ٻڌايو ته هنگامي قومي زرعي منصوبي هيٺ هارين کي زمين ليول ڪرڻ لاءِ ليزر ليولر ۽ ٻئي جديد مشينري فراهم ڪرڻ کانسواءِ  اعليٰ ڪوالٽي جو ٻج، ڀاڻ، فرٽيلائيزر ۽ زرعي دوائن جي فراهمي به يقيني بڻائبي.

پهنجو تبصرو موڪليو