اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عدالت پي ٽي آءِ جي باني جي زال بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 26 نومبر جي احتجاج تي سندس خلاف داخل ڪيل 29 ڪيسن ۾ 20 مئي تائين واڌ ڪري ڇڏي آهي.اڄ راولپنڊي جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 26 نومبر جي احتجاج تي بشريٰ بي بي جي خلاف داخل ڪيل 29 ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي اي ٽي سي جي جج امجد علي شاهه ڪئي، جنهن تي بشريٰ بي بي جي وڪيل فيصل ملڪ سندس طرفان عدالت ۾ پيش ٿيو.عدالت بشريٰ بي بي کي سڀني ڪيسن ۾ جاچ ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي.










