پوليو ورڪرن لاءِ روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو واڌ جو اعلان

پوليو ورڪرن لاءِ روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو واڌ جو اعلان

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پوليو جي خاتمي واري پروگرام فرنٽ لائن ورڪرز جي روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو آهي.نيشنل اي او سي موجب، فرنٽ لائن پوليو ورڪرز جي روزاني معاوضي ۾ 28 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي آهي، روزاني معاوضي ۾ واڌ ايندڙ پوليو مخالف مهم کان لاڳو ڪئي ويندي.ان حوالي سان فوڪل پرسن عائشه رضا فاروق جو چوڻ آهي ته ايندڙ پوليو مخالف مهم ملڪ جي 115 ضلعن ۾ 21 کان 27 سيپٽمبر تائين منعقد ڪئي ويندي.هن چيو آهي ته قومي پوليو مخالف مهم ۾ 31 ملين کان وڌيڪ ٻارن کي ويڪسين ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو