26 نومبر احتجاج ڪيس: عمر ايوب اشتهاري قرار، وارنٽ جاري

26 نومبر احتجاج ڪيس: عمر ايوب اشتهاري قرار، وارنٽ جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ 26 نومبر واري احتجاج سان لاڳاپيل ڪيس ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمر ايوب کي اشتهاري قرار ڏيندي سندس دائمي گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. جوڊيشل مجسٽريٽ شائسته ڪنڊي 26 نومبر تي ٿيندڙ احتجاج واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت پاران مسلسل طلب ڪرڻ جي باوجود عمر ايوب غير حاضر رهيو، جنهن تي کيس اشتهاري قرار ڏئي دائمي وارنٽ جاري ڪيا ويا. ياد رهي ته عمر ايوب تي سيڪريٽريٽ ٿاڻي ۾ دفعو 144 جي خلاف ورزي ۽ ٻين قلمن تحت ڪيس داخل ٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو