اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سينيٽر حامد خان مطالبو ڪيو آهي ته 26هين آئيني ترميم خلاف ڪيس سڌو سنئون نشر ڪيو وڃي.لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حامد خان چيو ته 26 هين ترميم ڪيس جي ٻڌڻي ججن جي 16 رڪني بينچ آڏو ٿيڻ گهرجي ۽ ڪارروائي کي لائيو نشر ڪيو وڃي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي ماضي ۾ به لائيو نشر ٿيندي رهي آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته فوجي عدالتن ۾ رڳو فوجين جو ڪيس هلي سگهي ٿو.










