اغوا ڄاڻايل نياڻين جي سيالڪوٽ ۾ وڪري جوانڪشاف

ڪشمور(رپورٽر) گلڻ ڪوٽ واري علائقي مان 25 سال اڳ اغوا ڄاڻايل سبزعلي مزاري ۽ سندس خاندان بابت انڪشاف ٿيو آهي ته کين هڪ ويجھي مائٽ 7 گهر ڀاتين کي ورغلائي پنجاب وٺي وڃي 4 ڀينرن کي سيالڪوٽ ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو هو. وڪرو ٿيل ڀينرن مان ھڪ عورت مسمات نازيا پنهنجي ڌيءَ سميت چاچي وٽ ڪشمور ۾ اباڻي ڳوٺ پھچي وئي. ڪشمور ۾ پنهنجي چاچي سان گڏ صحافين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته منهنجي پيءُ جي سڳي ماروٽ الله ڏوايو مزاري اسان 7 گهر ڀاتين کي ورغلائي سيالڪوٽ وٺي ويو جتي اسان 4 ڀينرن نازيا، شازيا، آسيا ۽ نسرين کي وڪرو ڪري پرڻايو ويو ۽ اسان جي والد سبز عليُ کي ماريو ويو، جڏهن ته ھڪ ڀاءُ شبير احمد مزاري ۽ امڙ مسمات ملوڪان جو ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو. کيس چاچي جي ڏس پتي ملڻ بعد پنجاب جي شھر سيالڪوٽ مان رات جي اونداهي جو فائدو وٺي نڪري پنهنجي چاچي مختيار مزاري وٽ پھتا آھيون. مسمات نازيا مزاري الزام لڳائيندي چيو ته راجنپور واسي الله ڏوايو مزاري ھڪ گروھ  سان تعلق رکي ٿو جيڪي عورتن ۽ ننڍي عمر جي ٻارن کي  وڪرو ڪندا آهن. نازيا جي نياڻي نيلم چيو ته پئسن عيوض ٻن ھنڌن تي انڌن ۽ معذورن سان شادي ڪرائي وئي. مختيار مزاري چيو  ته  الله ڏوايو مزاري کان اسان پڇو هو ته هن چيو هو ته کيس ڪا خبر ناهي. هنن ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور اسد رضا شاھ کان مطالبو ڪيو ته نياڻين کي وڪرو ڪندڙ گروهه جي اڳواڻ الله ڏوايو مزاري کي گرفتار ڪري باقي هم ڪيل ڀاتي بازياب ڪرائي ڏيو ۽ سندس خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو