24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 115 واقعا، رپورٽ پيش

24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 115 واقعا، رپورٽ پيش

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڏوهن جي روڪٿام بابت کنيل قدمن تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد اوڍو رپورٽ پيش ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته شهر ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ اسٽريٽ ڪرائم جا 115 واقعا ٿيا جن ۾ 43 موبائيل/نقدي ڦر، 4 ڪارون ۽ 11 موٽرسائيڪل چوري سميت 57 ٻيون چوريون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ 2 مقابلا ٿيا جنهن ۾ 4 ڏوهاري زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا جڏهن ته 11 اسٽريٽ ڪرمنل/چور واقعي واري هنڌان سوگهيا ٿيا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مجموعي طور 239 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ 27 اسٽريٽ ڪرمنلز/ ڦورو، 21 ڪار لفٽرز، 2 قاتل، 14 ماڻهو غير قانوني هٿيار رکندڙ، 20 منشيات وڪرو ڪندڙ جڏهن ته ٻين ڏوهن ۾ ملوث 155 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته پوليس مختلف ڇاپن/آپريشن دوران 15 غير قانوني هٿيار، 5 ڪلو چرس، 17 چوري ٿيل موبائيل فون ۽ 29 چوري ٿيل گاڏيون هٿ ڪيون جن ۾ هڪ ڪار ۽ 28 موٽرسائيڪلون شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو