24 ورهين جي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ وارثن کي 32 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو

24 ورهين جي نوجوان جي قتل ڪيس ۾ وارثن کي 32 سالن کانپوءِ انصاف ملي ويو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 24 ورهين جي نوجوان جي فوت ٿيڻ واري ڪيس ۾ وارثن کي 32 سالن کانپوءِ انصاف مليو.سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس هٿان 24 ورهين جي نوجوان جي فوت ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.درخواست ۾ چيو ويو ته پوليس 24 ورهين جي دڪاندار کي خوري گارڊن مان حراست ۾ ورتو، نوجوان شڪيل کي 24 اپريل 1990ع تي گرفتار ڪري سي آءِ اي سينٽر آندو ويو.ڪيس جي عدالتي جاچ ۾ نوجوان جي موت جو ذميوار پوليس اهلڪارن کي قرار ڏنو ويو.عدالت ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي اسٽيٽ بئنڪ کي حڪم ڏنو ته هو سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ مان رقم ڪٽيو ۽ مقتول جي وارثن کي وڌيڪ 28 لک رپيا ڏنا وڃن.اسٽيٽ بئنڪ سنڌ حڪومت جي اڪائونٽ مان رقم ڪٽي ڇڏي ۽ چيڪ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو