اسلام آباد(بيورو)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته جوابدار حمزا شهباز 24 ارب رپيا کڻي لنڊن فرار ٿي ويو، شهباز شريف اينڊ ڪمپني قوم کي بيوقوف سمجهن ٿا.سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته حمزه شهباز تي 24 ارب رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي، کيس لنڊن موڪليو ويو، 2 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي جاچ لاءِ ايف آءِ اي جون 5 ٽيمون ٺاهي ڇڏيون آهن.فواد چوڌري چيو ته محرم کانپوءِ 25 مئي سانحي جي جوابدارن جو احتساب شروع ٿيندو، قوم حقيقي آزادي جي جدوجهد جي آخري مرحلي لاءِ تيار ٿي وڃي.










