2023  ۾ گذريل حڪومت جي پيدا ڪيل بحرانن مان نڪري اينداسين: شيري

2023 ۾ گذريل حڪومت جي پيدا ڪيل بحرانن مان نڪري اينداسين: شيري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ماحولياتي تبديلي بابت وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته حالتون بهتر ٿي رهيون آهن، اميد آهي ته 2023 ۾ اسان اڳوڻي حڪومت جي پيدا ڪيل بحرانن مان نڪري اينداسين.پنهنجي بيان ۾ شيري رحمان پاڪستانين کي نئين سال جون واڌايون ڏيندي چيو ته 2022 پاڪستان لاءِ ڏکيو سال رهيو، ماحولياتي تبديلي جي بدترين اثرن تي پاڪستان دنيا جي ڌيان جو مرڪز رهيو، تازي تاريخ ۾ اهڙي تباهي جو مثال نٿو ملي.هن چيو ته سياري ۾ به اسان جي لکين ڀائر ۽ ڀينرون بي گهر آهن، نئين سال جي موقعي تي ماڻهن کي اپيل آهي ته ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي ۾ ساٿ ڏين، اها اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.سندس چوڻ هو ته اقتدار ۾ ايندي ئي ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ لاءِ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پيا، 2023 لاءِ اسان سڀني کي پراميد هجڻ گهرجي، دعا آهي ته نئون سال ملڪ ۽ قوم لاءِ استحڪام، ترقي، خوشحالي ۽ خوشيون آڻي.

پهنجو تبصرو موڪليو